علي احمد قريشي

علي احمد قريشي

علي احمد قريشي

علي احمد قريشي: علي احمد قريشي فيبروري 1921ع ۾ ڳوٺ بختياپور، تعلقي سيوهڻ، ضلعي دادو (هاڻي ڄامشوري) ۾ رحمت الله قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مڪتب ۾ پڙهڻ شروع ڪيائين، جتان قرآن شريف ناظره پورو ڪرڻ بعد پرائمري اسڪول آراضي ۾ پڙهڻ ويٺو، جتان ٽئين درجي سنڌي ۾ ڇڏي سن شهر جي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان پرائمري چوٿين ڪلاس ۾ مڊل اسڪول اسڪالر شپ جو امتحان ڏئي ڪراچي ضلعي ۾ پهريون نمبر کڻي امتيازي حيثيت سان 1930ع ۾ پاس ڪيائين. چار درجا سنڌي پاس ڪرڻ بعد انگريزي تعليم لاءِ سنڌ مدرسة اسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتائين، جتان 1938ع ۾ مئٽرڪ امتيازي پوزيشن سان پاس ڪيائين. 1935ع ۾ سنڌي ورنيڪيولر فائينل امتحان پڻ پاس ڪيو هئائين. 1940ع ۾ انٽرميڊئيٽ ۽ 1942ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان فلسفي جي خاض مضمون ۾ بي. اي آنرس جي ڊگري ورتائين. تعليم مڪمل ڪري اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچي۾ ٽن سالن لاءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي نگراني ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏنائين، ان دوران ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪري ورتائين. 1943ع ۾ نوڪري ڇڏي وڪيل نصير محمد نظاماڻيءَ وٽ ٽنڊي محمد خان ۾ وڪالت شروع ڪيائين. هن 1960ع ۾ سڄي يورپ جو سفر ڪيو. 1943ع ۾ ۽ 2000ع ۾ هندستان جو سفر ڪيائين. سندس ٻه ڪتابجمنا ڪناري’ ۽ Syed as We Knew Him ڇپيل آهن.
علي احمد قريشي، جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئيءَ کي به ويجهو رهيو ۽ سندن صحبت ۾ اچي سياست سان به وابسته رهيو. سوشلزم ۽ ڪميونزم جا لاڙا سندس خيالن ۾ موجود رهيا.
علي احمد قريشيءَ، 6 سيپٽمبر 2013ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ علي احمد قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو